لنڊن: گڏيل قومن جي انساني امداد جي سربراهه ٽام فليچر خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن گهربل امدادي سامان غزا نه پهتو ته ايندڙ 48 ڪلاڪن م 14 هزار ٻار بک سبب مري سگهن ٿا. سومر تي اسرائيل 11 هفتن جي پابندي بعد رڳو 5 ٽرڪن کي اجاز ت ڏني، جيڪا امداد پڻ اڃا تائين پهچي ناهي سگهي. ٽام فليچر جيڪو اڳ ۾ برطانوي سفير به رهي چڪو آهي تنهن بي بي سي ريڊيو فور سان ڳالهائيندي چيو ته 5 ٽرڪن واري امداد گهربل مقدار جي ڀيٽ ۾ ڪجهه به ناهي. جڏهن بي بي سي جي پريزنٽر انا فوسٽر کائنس پڇو ته 14 هزار ٻارن جي مرڻ جو انگ اوهان ڪٿان ورتو آهي ته هن چيو ته اسانجون ٽيمون خيمه بستين، ميڊيڪل ڪيمپن ۽ امدادي ڪيمپن ۾ موجود آهن جن اها ڊيٽا گڏ ڪئي آهي.هن چيو ته اسانجا ماڻهو مري رهيا آهن پر پوءِ به فيلڊ ۾ موجود آهن. فليچر اميد ظاهر ڪئي ته اڱاري تي 100 ٽرڪن کي اجازت ملندي جنهن سان صورتحال ڪجهه بهتر ٿي سگهندي. گڏيل قومن جي ان بيان بعد برطانيا، فرانس ۽ ڪئناڊا اسرائيل کان فوري جنگبندي ۽ امدادي سامان جي اجازت ڏيڻ لاءِ زور ڀريندي چيو آهي ته جيڪڏهن اسرائيل ائين نه ڪيو ته هو مناسب قدم کڻڻ تي مجبور ٿيندا. فليچر چيو ته انهن ملڪن جي اڳواڻن جو بيان ته ٺيڪ آهي پر ڏسڻو اهو آهي ته ڇا ان سان غزا جي ماڻهن تائين امداد پهچي سگهندي؟ هن چيو: “مون کي اميد آهي ته اسان ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ انهن مان جيترا ٿي سگهن، ٻار موت کان بچائي سگهون”. هن زور ڏنو: “اسان کي غزه جي پٽيءَ کي انساني امداد جي ٻوڏ جهڙي ضرورت آهي”. جڏهن انا فوسٽر چيو ته 14,000 جو انگ “هڪ غير معمولي انگ” آهي، فليچر جواب ڏنو ته اهو انگ “دل ڏڪائيندڙ حد تائين خوفناڪ آهي”. “پر اسان جو ڪم آهي اڳتي وڌڻ. اسان کي مايوسي ٿيندي، رڪاوٽون اينديون، وڏا خطرا به کڻڻا پوندا. پر مان نه ٿو ڏسان ته ٻارن جي خوراڪ غزه پهچائڻ کانسواءِ ٻيو ڪو بهتر رستو ٿي سگهي ٿو.”