ننڍي عمر ٻڌائي ماهرا ۽ هانيا جهڙا ڪردار نٿي ادا ڪري سگهان: بشريٰ انصاري

لاهور : پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي هر فن جي مالڪ، سينئر اداڪارا بشرا انصاري، هڪ نئين وِلاگ ۾ پنهنجي اصل عمر بابت ڳالهايو آهي.اداڪارا ۽ ڳائڻي بشرا انصاري پڻ يوٽيوبر بڻجي وئي آهي. سندس تازي وِلاگ ۾، هوءَ پنهنجن مداحن سان دلچسپ موضوعن ۽ ڪڏهن ڪڏهن دنيا جي سفر بابت ڳالهائيندي ڏسي سگهجي ٿي.بشرا انصاري تازو ئي پنهنجي 69 هين سالگرهه ملهائي. 15 مئي تي، اداڪارا جي مداحن نه رڳو پاڪستان ۾ پر دنيا جي چوڌاري کيس سندس سالگرهه جي مبارڪباد ڏني.اداڪارا بشرا انصاري پنهنجي نئين وِلاگ ۾ سڀني جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته مان 69 سالن جي ٿي وئي آهيان، هر ڪو حيران آهي ته مان هن عمر ۾ ايتري صحتمند ۽ سرگرم آهيان.