پاڪستان جو پهريون سڪوڪ بانڊ متعارف ڪرايو ويو

ڪراچي : چيئرپرسن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج (پي ايس ايڪس) شمشاد اختر چيو آهي ته اسلامي فنانس کي فروغ ڏنو وڃي. پاڪستان جو پهريون سڪوڪ بانڊ لانچ ڪيو پيو وڃي.تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته قدر تي ٻڌل فنانسنگ وقت جي ضرورت آهي، اهي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج لاءِ فخر جا لمحا آهن.شمشاد اختر چيو ته گرين سڪوڪ مڪمل شريعت جي تعميل هيٺ جاري ڪيو ويو آهي، گرين فنانس فريم ورڪ ترقي جي راهه هموار ڪندو.هن چيو ته گرين سڪوڪ لانچ جو مقصد ماحولياتي ڀلائي ۽ معيشت کي بهتر بڻائڻ آهي. ملڪي گرين سڪوڪ بانڊ فنانسنگ جا نوان دروازا کوليندو.ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم جي ناڻي بابت صلاحڪار خرم شهزاد چيو ته ماحول ۽ آبادي پاڪستان جا وڏا مسئلا آهن، ماحول لاءِ اهي اڄ گرين سڪوڪ متعارف ڪرائي رهيا آهن، جڏهن ته پانڊا بانڊ جلد جاري ڪيو ويندو.