سمنڊ تي قيمتي مينگروز جا وڻ ڪٽڻ تي ايف آءِ آر داخل

ڪراچي: ڪراچي جي ساحل تي قيمتي مينگروز جي وڻن جي ڪٽائي جي پهرين ايف آءِ آر درج ڪئي وئي آهي. ڪي پي ٽي ذريعن موجب، مينگروز جي ڪٽائي تي صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن جي وچ ۾ گڏيل سهڪار سامهون آيو آهي. ڪراچي پورٽ اينٽي انڪروچمينٽ ٽيم پاران مينگروز ڪٽڻ وارن کي حراست ۾ ورتو ويو. ڪارروائي کان پوءِ، سنڌ حڪومت جي ٻيلي کاتي جوابدار خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي. ڪي پي ٽي ذريعن موجب، هي ايف آءِ آر مينگرو جي ڪٽائي تي درج ٿيل پهرين ايف آءِ آر آهي.