اسلام آباد: واٽر اينڊ پاور ڊولپمينٽ اٿارٽي (واپڊا) دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي صورتحال بابت رپورٽ جاري ڪئي آهي.
واپڊا ترجمان موجب، تربيلا وٽ سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي آمد 95 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ اخراج 50 هزار ڪيوسڪ آهي.
ترجمان چيو ته جهلم درياءَ ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 43 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ اخراج 32 هزار ڪيوسڪ آهي، جڏهن ته چشمه بئراج ۾ پاڻي جي آمد 99 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ اخراج 85 هزار ڪيوسڪ آهي.
اهڙي طرح چناب درياءَ ۾ هيڊ مرالا وٽ پاڻي جو وهڪرو 28 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ اخراج 19 هزار 100 ڪيوسڪ آهي. نوشهره وٽ ڪابل درياءَ ۾ پاڻي جو وهڪرو 37 هزار ڪيوسڪ ۽ اخراج 37 هزار ڪيوسڪ آهي.
واپڊا ترجمان موجب، تربيلا رزروائر ۾ اڄ پاڻي جي سطح 1444.30 فوٽ آهي ۽ پاڻي جو ذخيرو 9 لک 2هزار ايڪڙ فوٽ آهي. منگلا رزروائر ۾ اڄ پاڻي جي سطح 1137 فوٽ آهي ۽ پاڻي جو ذخيرو 12 لک 35 هزار ايڪڙ فوٽ آهي.
جڏهن ته چشما آبي ذخيرن ۾ اڄ پاڻي جي سطح 646.90 فوٽ ۽ ذخيرو 2 لک 8 هزار ايڪڙ فوٽ آهي، جڏهن ته تربيلا، منگلا ۽ چشما آبي ذخيرن ۾ ڪل قابل استعمال پاڻي جو ذخيرو 23 لک 45 هزار ايڪڙ فوٽ آهي.