لاهور : پاڪستاني سوشل ميڊيا شخصيت، اينڪر ۽ ٽڪ ٽاڪور سجل ملڪ هڪ خانگي وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ سخت تنقيد جو نشانو بڻجي رهي آهي. ياد رهي ته تازو ئي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي هڪ بي حيائي واري وڊيو وائرل ٿي هئي، جنهن جي حوالي سان دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته هن وڊيو ۾ نظر ايندڙ عورت سجل ملڪ آهي.سوشل ميڊيا تي هڪ مبينا خانگي وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ، سجل ملڪ کي سخت تنقيد ۽ تڪرار جو منهن ڏسڻو پيو. وڊيو ليڪ جي حوالي سان نه رڳو پاڪستان ۾ پر هندستان ۾ به قياس آرائيون جاري هيون. سجل ملڪ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته منهنجي نالي سان منسوب وائرل فحش وڊيو منهنجي ناهي، مون هن وڊيو بابت وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) ۾ شڪايت داخل ڪرائي آهي.