سکر/خيرپور/اوٻاوڙو: ٻٻرلوءِ ۾ لڳل ڌرڻو ستين ڏينهن به جاري آهي، ڌرڻن جو سلسلو اربع کان مختلف شهرن تائين وسيع ڪيو ويو آهي. اوٻاوڙو ۾ ڪمون شهيد تي به احتجاجي ڪيمپ قائم ڪري سنڌ پنجاب بارڊربند ڪئي وئي آهي، ڪشمور ۾ گولا موڙ وٽ 4 ڏينهن کان ڌرڻو جاري آهي، شڪارپور وٽ به ڌرڻو آهي ۽ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي سميت بلوچستان ڏانهن به هيوي ٽريفڪ بند آهي. ننڍين گاڏين جي اچ وڃ جاري آهي. پنجاب جي تاجرن پريس ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته ندن سپلاءِ چين سخت متاثر ٿي وئي آهي، هنن وٽ فيڪٽريون هلائڻ لاءِ خام مال ناهي، ملازمن کي پگهارون ڏيڻ لاءِ پئسا نه آهن. هنن جو چوڻ آهي ته ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ جا آرڊر متاثر ٿي رهيا آهن، وقت تي ڊليوري نه ڏيڻ سبب پاڪستان کي اربين ڊالرن جو نقصان ٿي رهيو آهي، وفاقي ۽ سنڌ حڪومت رستا کولرائي واپار تباهه ٿي ويو آهي. ياد رهي ته گڊز ٽرانسپورٽ وارين وڏين گاڏين تي بندش 7 ڏينهن کان جاري آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جو وڏو وزير ۽ آبپاشي کاتي جو وزير اسلام آباد ۾ موجود آهن، اڄ انهن جي وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات متوقع آهي، جنهن ۾ امڪان آهي ته ميان نواز شريف به شريڪ ٿيندو جيڪو خصوص جهاز ذريعي لنڊن مان اسلام آباد لاءِ روانو ٿي چڪو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ان ڳالهه جا چٽا امڪان آهن ته اڄ وزيراعظم تڪراري ڪينالز جو منصوبو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندو. ڪجهه ٽرڪن ۾ ڪوئلو جيڪو پنجاب نيو پئي ويو، انهن ۾ گرمائش سبب دونهون اٿي رهيو هو، انهن ٽرڪن کي آف لوڊ ڪيو ويو آهي. مختلف بارڪائونسلز پاران عدالتي بائيڪاٽ جو سلسلو جاري آهي، وڪيل اڳواڻن پاران هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي ڪم کان روڪڻ جي درخواست ڪئي جيڪا چيف جسٽس رد ڪري ڇڏي، احتجاج ۾ روزانو جي بنياد تي شدت اچڻ لڳي، وڪيلن جي حڪومت کي ڏنل 72 ڪلاڪن جي ڏنل پهرين مهلت ختم ٿي وئي هئي جنهن بعد سومر تي 72 ڪلاڪن جو نئون الٽيميٽم ڏنو هو. هوڏانهن اربع تي هڪ پاسي مسلم ليگ (ن) سنڌ جي صدر بشير ميمڻ پارٽي قيادت جي هدايت تي ٻٻرلوءِ پهچي وڪيلن سان ڳالهيون ڪيون.. نواز ليگ سنڌ جي صدر بشير ميمڻ ۽ وڪيل اڳواڻ عامر نواز وڙائچ ۾ ڳالهيون مڪمل ٿي ويون، ڳالهين دوران وفاقي حڪومت جي وفد آڏو وڪيلن طرفان چار نقطا پيش ڪيا ويا. پيش ڪيل نقطن ۾ پهريون ۽ مک نقطو ڪئنالن واري منصوبي کي رد ڪرڻ جو رکيو ويو، باقي ٻين نقطن ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ، پيڪا آرڊيننس ۽ 26 ترميم شامل آهي. مطالبن جي حوالي سان نوازليگ جي وفد پاران وڪيلن کي شهباز شريف سان ملاقات جي آڇ ڪئي جنهن تي وڪيلن آڇ قبول ڪندي 14 رڪني وفد جي صورت ۾ شهباز شريف سان ملاقات جي حامي ڀري ورتي، انهي موقعي تي عامر نواز وڙائچ چيو ته اسان جو 14 رڪني وفد وزيراعظم سان ملاقات ڪندو، جيڪڏهن شهباز شريف سکر ۾ اچي ڳالهيون ڪري ته بهتر آهي اسان جو مک مطالبو 6 ڪئنالن جي خاتمي وارو نوٽيفڪيشن آهي، اسان جا ڌرڻا انهي نوٽيفڪيشن سان مشروط آهن ملاقات ۾ وزيراعظم اسان کي نوٽيفڪيشن ڏئي، ٻين نقطن تي ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون ڪئنالن خلاف نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيڻ تائين اسان جا ڌرڻا جاري رهندا،انهي موقعي تي نوازليگ سنڌ جي صدر بشير ميمڻ چيو ته اسان وزيراعظم جي هدايتن تي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ آيا آهيون، اسان کي وڪيلن چئن مطالبن واري لسٽ ڏني آهي، جيڪا وزيراعظم آڏو پيش ڪئي ويندي، ايندڙ ملاقات وڪيلن ۽ وزيراعظم وچ ۾ ٿيندي ۽ معاملا طئي ڪيا ويندا، اميد آهي ته ڳالهيون ڪامياب ٿينديون،ٻئي پاسي پي پي سنڌ جي صدر نثار کهڙو ۽ سيد خورسيد شاهه به ٻٻرلوءِ پهچي وڪيلن سان اظهار يڪجهتي ڪندي کين 25 اپريل تي سکر ۾ رٿيل ڪينال مخالف جلسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. جنهن تي عامر نواز دعوت قبول ڪندي چيو ته ايڪشن ڪميٽي جي مشاورت بعد حتمي فيصلو ڪنداسين. وڪيلن وفاقي ۽ سنڌ حڪومت ۽ سياسي جماعتن سان ڳالهين لاءِ 14 رڪني ڪميٽي قائم ڪئي آهي جيڪا معاملا طئي ڪري سنڌ لائرز ايڪشن ڪميٽي آڏو سفارشون پيش ڪندي ۽ حتمي فيصلو سنڌ لائرز ايڪشن ڪميٽي ڪندي جنهن جو چيئرمين عامر نواز وڙائچ هوندو.