وفاق جو سنڌ سان رابطو، وزيراعظم ۽ وڏي وزير جي ملاقات طئي

ڪراچي : وفاقي حڪومت ڪينالن جي معاملي تي سنڌ حڪومت سان رابطو ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ وزيراعظم ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي وچ ۾ ملاقات جو بندوبست ڪيو ويو آهي. پيپلز پارٽي جي ذريعن ٻڌايو ته وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت سان رابطو ڪيو آهي، جنهن کان پوءِ وزيراعظم ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي وچ ۾ ملاقات جو بندوبست ڪيو ويو آهي. پيپلز پارٽي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته اسان کي پيغام موڪليو ويو آهي ته وزيراعظم ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي وچ ۾ ملاقات اڄ ٿي سگهي ٿي ۽ جيڪڏهن ملاقات اڄ نه ٿي ته سڀاڻي ٿيندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ پيپلز پارٽي ڪينالن جي معاملي تي پنهنجو مڪمل موقف پيش ڪندي، جنهن ۾ پيپلز پارٽي جا خدشا، سنڌ ۾ جاري احتجاج ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ منظور ڪيل قرارداد شامل آهي.

Contact with Federation of Sindh