سخت محنت ڪري هتي پهتس، موقعي جو انتظار ڪيو: ياسر خان

ملتان : ملتان سلطانز جي رانديگر ياسر خان جو چوڻ آهي ته هن هتي پهچڻ لاءِ سخت محنت ڪئي آهي ۽ موقعي جي انتظار ۾ هو، ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان جو ڪپتان هر رانديگر کي مثبت انداز ۾ سمجهائيندو آهي، رضوان به بيٽنگ ۾ هر بال تي مدد ڪئي ۽ تمام گهڻي وضاحت ڪئي، ياسر خان جو چوڻ آهي ته شاهين شاهه آفريدي جي بال اندر اچي ٿي، تنهن ڪري هو سٺو پرفارم ڪرڻ جي منصوبابندي ڪندي آيو.

I got here after working hard