بلوچستان ۾ پوليو ٽيم جي سيڪيورٽي تي مقرر ليويز اهلڪارن تي حملو، 2 ڄڻا شهيد

ڪوئٽه: بلوچستان ۾ پوليو ٽيم جي سيڪيورٽي تي مقرر ليويز اهلڪارن تي فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا.

ميڊيا ذريعن موجب دهشتگردن پوليو ٽيم جي حفاظت تي مقرر ليويز جي اهلڪارن تي اوچتو فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا، واقعو بلوچستان جي ضلعي مستونگ ۾ پيش آيو جتي ليويز اهلڪار پوليو مهم جي دوران ٻارن کي ويڪسين پياريندڙ ٽيم جي حفاظت جي ڊيوٽي تي هئا.

ليويز اختيارين ٻڌايو ته شهيد اهڪارن جا لاش ۽ زخمين کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، واقعي کان پوءِ سيڪيورٽي فورسز علائقي جي ناڪابندي ڪري جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڏني آهي.

ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف مستونگ ۾ پوليو ٽيم تي دهشتگرد حملي سخت مذمت ڪندي ليويز اهلڪارن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم شهيدن جي لاءِ مغفرت ۽ وارثن جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي.

شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ چيو ته معصوم شهرين جي جان ۽ مال کي نقصان پهچائيندڙ انسانيت جي دشمن دهشتگردن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين. اهڙي قسم جي واقعن سان پاڪستان ۾ پوليو جي مڪمل خاتمي  واري عزم ۾ ڪابه گهٽتائي نٿي آڻي سگهجي.  هن چيو ته عوام مايوس نه ٿئي، پنهنجن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياري انهن جو مستقبل محفوظ بنائي. پوليو کان بچاءُ واري مهم هر صورت ۾ مڪمل تحريڪ سان جاري رهندي.

an attack on the Levies personnel assigned to the security of the polio teamIn Balochistan