پشاور: پوليس بنون پوليس پوسٽ تي دهشتگرد حملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، سينٽرل پوليس آفيس پشاور موجب، 19 دهشتگردن رات جو بنون ۾ پوليس پوسٽ ڌيري پل تي حملو ڪيو. دهشتگرد 8 موٽرسائيڪلن تي آيا هئا، جن مان 3 دهشتگرد پوليس پوسٽ ڏانهن وڌندا نظر آيا،سي پي او پشاور چيو ته دهشتگرد پوليس پوسٽ جي ڪيمرائن کي نشانو بڻائي حملو ڪرڻ چاهين ٿا ۽ دهشتگردن مختلف پاسن کان پوسٽ تي فائرنگ ڪئي،سينٽرل پوليس آفيس موجب، پوليس اهلڪارن بروقت ڪارروائي ڪندي حملي کي ناڪام بڻايو، جنهن کان پوءِ دهشتگرد فرار ٿي ويا.