اسلام آباد: انڊس ريور سسٽم اٿارٽي(ارسا) سنڌ کي وڌيڪ پاڻي ڏيڻ بابت خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.
ارسا اختيارين شروعاتي جائزي ۾ سنڌ کي وڌيڪ پاڻي ڏيڻ جي رپورٽ کي رد ڪندي چيو آهي ته ارسا هميشه پاڻي جي منصفاڻي ورهاست ڪندو آهي، ڪنهن جو حق ورتو نه ڪنهن کي وڌيڪ حق ڏنو.
ارسا ترجمان موجب اختيارين پنجاب حڪومت طرفان اماڻيل خط جو جائزو وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهي حوالي سان ارسا خط جي سمورن رخن جو جائزو وٺندو.
ترجمان موجب پاڻي جي کوٽ کي چارئي صوبا گڏجي برداشت ڪري رهيا آهن، ملڪ ۾ حساس صورتحال کي نظر ۾ رکندي الزام تراشي کان پاسو ڪرڻ گهرجي، ارسا ريگوليٽري باڊي آهي ۽ انهي تي مانيٽرنگ سسٽم موجود آهي.
ارسا ذريعن موجب صوبن پنهنجي حصي جو پاڻي ربيع جي فصل ۾ استعمال ڪيو ۽ خريف فصل ۾ به پاڻي جي ورهاست قانون موجب ٿي رهي آهي جڏهن ته پاڻي جو خودڪار نظام آهي، جنهن سبب ڪوبه صوبو وڌيڪ پاڻي نٿو کڻي سگهي.
ياد رهي ته پنجاب حڪومت سومر تي پاڻي جي ورهاست تي انڊس ريور سسٽم اٿارٽي(ارسا) کي خط لکي چيو هو ته خريف جي فصلن لاءِ پاڻي جي 43 سيڪڙو کوٽ آهي، اهڙي صورتحال ۾ پنجاب جي حصي جو پاڻي وڌيڪ ۽ سنڌ جو گهٽ روڪيو پيو وڃي.