ڪراچي: گذريل ڪجهه ڏينهن کان لڳاتار واڌ کانپوءِ اڄ ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ سوين رپيا گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ اڄ في تولو سون 1800 رپين تائين سستو ٿي 3 لک 38 هزار 800 رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 1543 رپيا لاٿ کانپوءِ 2 لک 90 هزار 456 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون جي قيمت 18 ڊالر گهٽجڻ بعد 3 هزار 2 سئو 18 ڊالرز تي ٿي وئي آهي.