راولپنڊي:سيڪيورٽي فورسز ڊيره اسماعيل خان جي علائقي ٽڪواره ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن دوران انتهائي گهربل دهشتگرد ڪمانڊر سميت 9 خوارج دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي ٽڪواره ۾ 6 ۽ 7 اپريل جو رات دير سان آپريشن ڪيو جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ کان پوءِ 9 خوارج دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل خوارجين وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد پڻ هٿ آيو آهي، مارجي ويل دهشتگردن ۾ خارجي گروپ جو اهم ڪمانڊر اڳواڻ شيرين به شامل آهي، خارجي اڳواڻ شيرين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي انتهائي گهربل هو.
آءِ ايس پي آر موجب شيرين ڪيترن ئي بي گناهه شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث رهيو، ڪيپٽن حسنين اختر جي شهادت جو ذميوار به دهشتگرد شيرين هو. آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي، پاڪستاني فورسز دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي.
هوڏانهن صدر آصف علي زرداري ڊيرا اسماعيل خان ۾ دهشتگردن جي خلاف سيڪيورٽي ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ڪارروائي ۾ دهشتگردن جي اهم اڳواڻ ڪمانڊر کي مارڻ سيڪيورٽي فورسز جي وڏي ڪاميابي آهي. صدر چيو ته دهشتگردن جي مڪمل خاتمي تائين فورسز جون ڪارروايون جاري رهنديون، پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز جو دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪامياب ڪارروايون ڪرڻ خوشي جوڳيون آهن.
وزيراعظم شهباز شريف به ڊيرا اسماعيل خان ۾ خوارج دهشتگردن جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سموري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي، ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهيون