کنڊ جي اگهه ۾ 10 رپيا هٿرادو واڌ، 180 رپيا ڪلو ٿي وئي

ڪراچي: ڪجهه  منافعي خور هول سيل اگهن ۾ واڌ جو جواز ڄاڻائي کنڊ جي اگهه ۾ 10 رپيا هٿرادو واڌ ڪئي وئي آهي ۽ کنڊ 180 رپيا في ڪلو وڪڻي رهيا آهن، هول سيل اگهن ۾ کنڊ ٻن هفتن دوران 153 رپيا ڪلو کان 168 رپيا ڪلو ٿي وئي آهي.

گذريل مهيني کنڊ 145 رپين کان 160 رپيا سراسري طور وڪرو ٿي رهي هئي، کنڊ جي برآمد ۽ درآمد بابت حڪومتي قدمن تي هڪ ٻيو کنڊ اسڪينڊل بڻجي رهيو آهي، پهرين کنڊ وڌيڪ هئڻ جو ٻڌائي کنڊ برآمد ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته ملڪ ۾ کنڊ جي اگهه ۾ اضافو ٿيڻ نه  ڏنو ويندو ۽ هاڻي کنڊ مهانگي ٿي 180 رپيا ڪلو ٿي وئي ته خام کنڊ ٻاهرين ملڪ مان گهرائڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن.

ان سلسلي ۾ گذريل هفتي کنيل حڪومتي قدمن تي سوال اٿي رهيا آهن،کنڊ جون قيمتون ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪميٽي اسحاق ڊار حوالي ڪئي وئي آهي، جنسن جي ماهر شمس الاسلام چيو ته آڪٽوبر ۾ 5 لک ٽن کنڊ جي برآمد جي اجازت ڏني وئي.

ڊسمبر ۾ کنڊ 116 رپيا ڪلو وڪامجي رهي هئي ايڪسپورٽ واري فيصلي بعد اهي رپورٽون اچڻ شروع ٿيون ته شگرملن کنڊ پيداوار گهٽ ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي ڇو ته هن سال ڪمند جو فصل سٺو ناهي لٿو، مارڪيٽ ۾ سٽا مافيا سرگرم ٿي ويو.

هن چيو ته خام کنڊ امپورٽ ڪرڻ جو فيصلو به شگر ملن جي مشوري تي ڪيو ويو آهي، اسان جي شگر صنعت خام کنڊ کي ريفائن ڪرڻ جي صلاحيت ئي نٿي رکي، اهو فيصلو اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ برابر آهي، هاڻي حڪومت خلاف هڪ ٻئي اسڪينڊل جو ڳالهيون هلي رهيون آهن، اها سياستدان جي صنعت آهي جنهن ۾ کربين رپين جي گيم هوندي آهي.