هرقسم جي دهشتگردي جي مذمت ۽ مخالفت ڪريون ٿا، چين

بيجنگ : چين پاڪستان ۾ دهشتگردن طرفان ٽرين هاءِ جيڪنگ جي سخت مذمت ڪئي آهي. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان مائوننگ چيو ته چين هر قسم جي دهشتگردي جي مخالفت ڪري ٿو.هن وڌيڪ چيو ته چين دهشتگردي خلاف ويڙهه، قومي اتحاد، علائقائي امن ۽ عوام جي حفاظت لاءِ پاڪستان جي ڪوششن ۾ ان جي مدد جاري رکندو.

We condemn and oppose all forms of terrorism