بلوچستان ۾ آپريشن دوران پي ٽي آءِ ۽ ڀارتي ميڊيا هڪ جهڙي زبان ڳالهائيندي رهي: خواجه آصف

اسلام آباد: دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته بلوچستان ۾ آپريشن دوران پي ٽي آءِ ۽ ڀارتي ميڊيا هڪ جهڙي زبان ڳالهائيندي رهي.

پنهنجي هڪ بيان ۾ دفاع واري وزير چيو ته بهادر محافظن وڏي سانحي کان ملڪ کي بچائي ورتو ۽ 33 دهشتگردن کي آپريشن دوران ماري جعفر ايڪسپريس جي سمورن يرغمالين کي آزاد ڪرائي ڇڏيو.

هن چيو ته آپريشن دوران پي ٽي آءِ ۽ ڀارتي ميڊيا هڪ جهڙي زبان ڳالهائيندا رهيا. افغانستان مان به سوش: ميڊيا تي ساڳئي زبان ڳالهائي پئي وڃي، اسان تي لازمي آهي ته سياسي مفادن کان مٿانهون ٿي قومي وحدت جو مظاهرو ڪريون.

During the operation in Balochistan