ڪراچي: سنڌو درياءَ تي ڪينال ڪڍڻ خلاف گرينڊ ڊيمو ڪريٽڪ الائنس(جي ڊي اي) 14 مارچ تي سموري سنڌ ۾ احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو آهي.
جي ڊي اي ۽ ڪنال مخالف تنظيمن جي اڳواڻن ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جيڪڏهن سنڌو درياءَ تي ڪينال بڻجي ويا ته مستقبل ۾ انهي جا خطرناڪ نتيجا سامهون ايندا.
اڳواڻن چيو ته گريٽر ٿل ڪينال، جلال پور ڪينال، چولستان ڪينال مان پنجاب جون لکين ايڪڙ زمينون آباد ٿينديون. سنڌ جي 35 لک ايڪڙ زمين غير آباد ٿي ويندي. اسان جي زراعت تباهه ٿي ويندي.
هن چيو ته ڪينال منصوبي تي پيپلز پارٽي جو رويو منافقانو آهي، جيڪڏهن پيپلز پارٽي ڪينال منصوبي تي (ن) ليگ سان گڏ نه آهي ته حڪومت کان ڌار ٿي وڃي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن سنڌو درياءَ تي 6 نوان ڪينال ڪڍڻ جي منصوبي خلاف حيدرآباد، بدين، نوابشاهه، نوشهروفيروز ۽ ميهڙ سميت ٻين شهرن ۾ احتجاجي ريلي ڪڍيون ويون.