چيمپئنز ٽرافي کٽڻ چنڊ تي پهچڻ جهڙو محسوس ٿئي پيو: راهول

دبئي : ڀارتي بيٽسمين ۽ وڪيٽ ڪيپر ڪي ايل راهول چيمپيئنز ٽرافي جي فائنل ۾ ڪاميابي کان پوءِ چيو ته ٽورنامينٽ کٽڻ کان پوءِ ائين محسوس ٿئي ٿو ته مان چنڊ تي پهچي ويو آهيان، ڪي ايل راهول چيمپئنز ٽرافي کٽڻ کي خواب قرار ڏيندي چيو ته اهو هندستاني ٽيم جي محنت ۽ ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي، هن چيو ته هي منهنجي پهرين چيمپئنز ٽرافي آهي ۽ ان کي کٽڻ کان پوءِ مون کي ائين محسوس ٿئي ٿو ته مان چنڊ تي آهيان. ٽيم سڄي ٽورنامينٽ ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري ۽ هر رانديگر پنهنجي ذميواري پوري ڪئي ۽ اها اسان جي ڪاميابي جو سڀ کان وڏو سبب آهي. هندستاني ڪرڪيٽر وڪيٽ ڪيپر جي حيثيت سان پنهنجي ڪارڪردگي بابت چيو ته، “اهو منهنجي لاءِ ڪا نئين ڳالهه ناهي. جڏهن ماڻهو مون کان پڇن ٿا ته مون وڪيٽ ڪيپنگ ڪڏهن شروع ڪئي، ته مان انهن کي چوندو آهيان، ‘ڀائي!’” مان هميشه وڪيٽ ڪيپر هوس، پر مون کي هندستاني ٽيم ۾ اهو ڪرڻ جو موقعو گهٽ ئي مليو.