اسلام آباد: نيپرا سڄي ملڪ لاءِ ماهوار ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جو اگهه گهٽائي ڇڏيو.
ڪراچي جي صارفين لاءِ بجلي جي قيمت ۾ 3 رپيا في يونٽ گهٽتائي ڪئي وئي، جڏهن ته ڪراچي کانسواءِ باقي ملڪ لاءِ بجلي 2 رپيا 12 پيسا في يونٽ سستي ڪئي وئي آهي.
نيپرا پاران ماهوار ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي جا الڳ الڳ نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آهن.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته بجلي صارفين کي مارچ جي بلن ۾ رليف ملندو، ڪي اليڪٽرڪ صارفين لاءِ بجلي ڊسمبر 2024ع جي ماهوار ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ سستي ڪئي وئي، جڏهن ته باقي ملڪ لاءِ بجلي جنوري 2025ع جي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ سستي ڪئي وئي آهي