ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات جو سلسلو شروع

ڪراچي: ڪراچي ۾ ڪارا ڪڪر وسي پيا جنهن جي نتيجي ۾ مختلف علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي جنهن شهرين کي گرمي کان ڇوٽڪارو ڏياري ڇڏيو آهي.

تفصيل موجب گلشن حديد، ڪلفٽن، ملير، ايئرپورٽ، شاهراهه فيصل ۽ گلشن اقبال ۾ هلڪي بوندا باندي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي انهي کان علاوه محمود آباد، منظور ڪالوني، ڊفينس ۽ صدر جي علائقن ۾ برسات پئي آهي

ڪراچي جي ٻين علائقن جنهن ۾ ڪورنگي، ابوالحسن اصفهاني روڊ، يونيورسٽي روڊ ۽ اسڪيم 33 ۾ به هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي جنهن سبب شهرين گرمي مان ڪجهه ڇوٽڪارو حاصل ڪيو آهي.

شهر ۾ گرمي پد 29 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي جڏهن ته هوا ۾ نمي جو تناسب 76 سيڪڙو تائين پهچي ويو آهي. ڪراچي ۾ هن وقت 10 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوا هلي رهي آهي جنهن موسم کي وڌيڪ خوشگوار بنائي ڇڏيو آهي.