اسلام آباد: پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته آمريڪا سان سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه تسلسل سان جاري آهي، آمريڪا جيڪڏهن پنهنجا ڇڏيل هٿيار افغانستان کان واپس وٺي ته خطي ۾ امن بحال ٿي ويندو.
شفقت علي خان هفتيوار بريفنگ دوران چيو ته افغانستان ۾ ڇڏيل آمريڪي هٿيار خطي ۾ امن جي صورتحال لاءِ سنگين مسئلو آهن، پاڪستان افغانستان سان سٺا لاڳاپا چاهي ٿو پر افغانستان جي سرزمين پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ استعمال ٿي رهي آهي ۽ پاڪستان ان حوالي سان افغان حڪومت کان مطالبا ڪندو رهيو آهي.
هن چيو ته طورخم بارڊر افغان فورسز طرفان تڪراري علائقي ۾ چوڪيون ٺاهڻ سبب بند ٿيو آهي، پاڪستان طورخم بارڊر تي ٿيندڙ ڇڪتاڻ جي مذمت ڪري ٿو ۽ افغان عبوري حڪومت کان معاملو سنجيدگي سان حل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿو.
سندس چوڻ هو ته افغانستان ۾ دهشتگردي ۾ ملوث شريف الله جي آمريڪا حوالگي پاڪ _ آمريڪا سيڪيورٽي ۽ دهشتگردي خلاف سهڪار جي روشني ۾ ڪئي وئي، ان حوالي سان سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪيون ويون، دهشتگرد شريف الله جي گرفتاري ۽ حوالگي تي ڪو فل اسٽاپ ناهي، پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ قونصلر رابطا جاري رهندا آهن.