ڪراچي : ملڪ جي اڪثر وڏن شهرن لاهور ، ڪراچي، راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ کنڊ جو ريزڪي اگهه 170 رپيا في ڪلو تائين پهچي ويو آهي، رمضان المبارڪ دوران هول سيل جي اگهن ۾ واڌ سبب کنڊ جو اگهه وڌي ويو آهي. ڪراچي ۾ پرچون فروشن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته هول سيل مارڪيٽ ۾ اها تيزي برقرار رهي ته کنڊ جو اگهه 200 رپين تائين پهچي سگهي ٿو. جڏهن ته هول سيلرز قيمتن ۾ واڌ جو ذميوار ملرز کي قرار ڏئي رهيا آهن. ڪراچي ۾ هڪ هفتي دوران کنڊ جو هول سيل ريٽ 15 رپيا وڌي ويو آهي. شگر ملز ايسوسيئيشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ايڪس مل پرائيس ۾ ڪو خاص فرق ناهي، هي ڊمانڊ ۽ سپلاءِ جو معاملو آهي، رمضان ۾ کنڊ جي کپت ۾ واڌ ٿي رهي آهي.