بالي ووڊ جو شهنشاهه اميتاڀ بچن پنهنجي يادداشت وسارڻ لڳو

ممبئي: بالي ووڊ جي شهنشاهه اميتاڀ بچن اعتراف ڪيو آهي ته سندس يادداشت ڪمزور ٿي رهي آهي، جنهن سبب کيس ڊائيلاگ ياد رکڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.

پرڏيهي خابرو ادارن موجب، اميتاڀ بچن پنهنجي بلاگ ۾ وڌندڙ عمر سان ڪم ۾ پيش ايندڙ ڏکيائين بابت خيالن جو اظهار ڪيو.

هن لکيو ته هو هاڻي سيٽ تي ڊائيلاگ وساري ويهندو آهي ۽ اڪثر هدايتڪار کي هڪ ٻي موقعو ڏيڻ جي گذارش ڪندو آهي ته جيئن ڪارڪردگي بهتر ڪري سگهي.

اميتاڀ بچن جو چوڻ هو ته کيس هر وقت اِها ڳڻتي هوندي آهي ته جيڪو ڪم مليو آهي، ڇا هو ان سان انصاف ڪري سگهندو؟ پروڊڪشن ۽ مارڪيٽنگ جا معاملا به سمجهڻ کان ٻاهر آهن.

هن قبول ڪيو ته نه رڳو ڊائيلاگ ياد رکڻ مشڪل ٿيندو پيو وڃي، پر وڌندڙ عمر سان لاڳاپيل ٻيا به ڪيترائي چئلينج سامهون اچي رهيا آهن جن کي منهن ڏيڻ ضروري آهي.

ياد رهي ته اميتاڀ بچن جي تازين ٽوئيٽس کانپوءِ سندس فلمن تان رٽائرمينٽ بابت چو ٻول شروع ٿي ويا هئا، پر هن پنهنجي مشهور شو”ڪون بنيگا ڪروڙ پتي“۾ مزاحيه انداز ۾ اهڙي قسم جا افواهه رد ڪري ڇڏيا هئا.