اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا عمران خان جو جي يو آءِ(ف) سربراهه کي پيغام ڏيندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان کي چئو ته هاڻ وقت اچي ويو آهي اوهان اسان جو ساٿ ڏيو.
اسلام آباد ۾ پارٽي جي ٻين اڳواڻن عمر ايوب، شبلي فراز سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيوته مارچ 2022 ۾ اٽو 20 روپيه ۽ اڄ 100 روپيه آهي، گيهه 350 کان 500 روپيه ڪلو آهي، 70 کان 80 سيڪڙو مهانگائي وڌي وئي آهي ڇا نوڪريون ڪندڙ ماڻهن جي آمدني به وڌي آهي.؟
هن چيو ته هن معيشت جي ڪري معاشرو خراب ٿي رهيو آهي، اسان وٽ نوڪريون بالڪل ختم ٿي چڪيون آهن، چين 2 وڏيون ٽرين لائنون ٺاهي رهيو آهي جيڪي ايران وينديون ۽ افغانستان کان گزري وينديون، پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته گهٽ پگهار واري طبقي تي تمام وڌيڪ ٽيڪس لاڳو ڪيا ويا آهن، هي غريبن کان ٽيڪس وٺندا آهن ۽ اميرن کي ڪير به پڇندو نه آهي، قانون اسان جي زندگي هجڻ گهرجي.
سلمان اڪرم راجا چيو ته اسان جي ٻارن جو هاڻ پاڪستان مان ڀروسو ختم ٿي ويو آهي، پاڪستان جا نوجوان پنهنجي روشن مستقبل جي لاءِ ملڪ کان ٻاهر وڃي رهيا آهن، پي ٽي آءِ باني عمران خان به مولانا فضل الرحمان کي چيو آهي ته هاڻ وقت اچي ويو آهي اوهان اسان جو ساٿ ڏيو.
عمران خان جو اهو پيغام سامهون اچڻ کان پوءِ پي ٽي آءِ هڪ دفعو ٻيهر جي يو آءِ(ف) سان رابطا وڌائڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جي اڳواڻ سلمان اڪرم راجا جي يو آءِ(ف) جي قيادت سان رابطو ڪيو ۽ ملاقات جي خواهش جو اظهار ڪيو.
ذريعن چيو آهي ته جي يو آءِ جي قيادت جواب ڏنو ته مولانا فضل الرحمان عمري سبب ملڪ کان ٻاهر آهي، مولانا فضل الرحمان جي واپسي کان پوءِ ملاقات تي اتفاق ڪيو ويو. ذريعن موجب پي ٽي آءِ قيادت ايندڙ هفتي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪندي.