جوڊيشل ڪمپليڪس ميانوالي حملو ڪيس: عمر ايوب، احمد خان ۽ ٻين تي فرد جرم لاڳو

سرگودها: دهشتگردي جي انت واري خصوصي عدالت 9 مئي جوڊيشل ڪمپليڪس ميانوالي حملي ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي.

دهشتگردي جي انت واري عدالت سرگودها جي جج محمد نعيم شيخ ٻڌڻي ڪندي قومي اسيمبلي جي اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب ۽ پنجاب اسيمبلي جي اپوزيشن اڳواڻ احمد خان ڀچر تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي.

انهي کان علاوه ايم اين اي بلال اعجاز، احمد چٺه ۽ ٻين  جوابدارن تي به فرد جرم لاڳو ڪئي وئي پر جوابدارن ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

ميانوالي جي سٽي ٿاڻي ۾ 9 مئي تي 57 نامزد ۽ 159 نامعلوم جوابدارن جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 28 فيبروري تائين ملتوي ڪندي ايندڙ پيشي تي گواهن کي طلب ڪري ورتو.

Judicial Complex Mianwali attack case: Chargesheet filed against Umar Ayub