مڪه مڪرمه: لکين مسلمان (لبيڪ اللهم لبيڪ) جون صدائون بلند ڪندي عرفات جي ميدان پهچي چڪا آهن جتي اڄ حج جو سڀني کان اهم رڪن(وقوف عرفه) ادا ڪيو ويندو.
حاجي سڳورا فجر جي نماز کان پوءِ منيٰ کان عرفات روانا ٿيا جتي هو زوال کان پوءِ عرفات جي ميدان ۾ قيام ڪندا، دعا، توبه،استغفار ۽ حج جو خطبو ٻڌندا.
حج جو خطبو مسجد نمره کان اردو، انگلش سميت 35 مختلف زبانن ۾ ترجمي سان نشر ڪيو ويندو. ته جيئن سموري دنيا جا مسلمان هن بابرڪت پيغام کي سمجهي سگهن.
عرفات کان پوءِ حاجي مشعرالحرام ۽ پوءِ مزدلفه روانه ٿيندا. سعودي اختيارين سموريون سهولتون مڪمل طور تي فراهم ڪري ڇڏيون آهن. سيڪيورٽي ۽ طبي ٽيمون به مقرر ڪيون ويون آهن.