فيسبڪ پنهنجي سوشل ميڊيا نيٽ ورڪ ۾ هڪ اهم تبديلي جو اعلان ڪيو آهي، جيڪا خاص طور تي اهڙن واهپيدارن لاءِ اهم ثابت ٿي سگهي ٿي، جيڪي فيسبڪ تي لائيو وڊيو اسٽريمنگ ڪرڻ جا عادي آهن.
فيس بڪ موجب، هاڻي لائيو وڊيوز سوشل ميڊيا تي رڳو 30 ڏينهن تائين محفوظ رهنديون، جنهن کانپوءِ پاڻمرادون ڊليٽ ٿي وينديون.
ان کان اڳ لائيو وڊيوز غير معياد لاءِ فيس بڪ تي محفوظ رهنديون هيون.
ڪمپني جو چوڻ آهي ته اِها تبديلي 19 فيبروري کان لاڳو ٿي چڪي آهي، جنهن تحت، فيسبڪ تي اڳ ۾ محفوظ ٿيل 30 ڏينهن کان پراڻيون وڊيوز به هٽايو ويندو، پر واهپيدارن کي ان کان اڳ نوٽيفڪيشن موڪليو ويندو.
فيسبڪ طرفان واهپيدارن کي 90 ڏينهن جو وقت ڏنو ويندو ته جيئن اهي پنهنجون لائيو وڊيوز محفوظ ڪري سگهن.
واهيپدارن انهن وڊيوز کي پنهنجي ڊيوائيس تي ڊائون لوڊ، ڪلائوڊ اسٽوريج ۾ منتقل يا ريل جي صورت ۾ محفوظ ڪري سگهن ٿا.
ڪمپني هڪ بلاگ پوسٽ ۾ وضاحت ڪئي ته اِها تبديلي فيسبڪ تي وڌيڪ تازيون ۽ لاڳاپيل لائيو وڊيوز پيش ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي، پر هن فيصلي جي پٺيان اصل سبب نه ڄاڻايو ويو آهي.
ان دوران فيس بڪ طرفان اهڙا نوان فيچر پڻ متعارف ڪرايا پيا وڃن، جيڪي واهپيدارن کي پراڻيون لائيو وڊيوز ڊائون لوڊ ڪرڻ ۾ مدد ڏيندا.