“مڇر ماريو پيسا وٺو”شهرين لاءِ انوکو اعلان

منيلا : فلپائن جي هڪ علائقي ۾ ڊينگي جي وڌندڙ ڪيسن کي روڪڻ لاءِ مڇرن جي شڪار تي روڪ رقم جو اعلان ڪيو ويو آهي.
منيلا جي علائقي برانگي ايڊيشن هلز جي چيف ڪارليٽوسرنال موجب هر 5 مڇر آڻڻ تي هڪ پيسو (تقريبن ٻه آمريڪي سينيٽ) انعام ڏنو ويندو.
پرڏيهي ميڊيا موجب توڙي جو ان انوکي قدم تي سوشل ميڊيا تي تنقيد ڪئي پئي وڃي پر اختيارين ان جو دفاع ڪندي چيو ته اهو قدم مقامي آبادي جي صحت جي تحفظ لاءِ ضروري آهي.
مڇرن جي شڪار جو اهو پروگرام گهٽ ۾ گهٽ هڪ مهيني تائين جاري رهندو ۽ انعام مئل توڙي جيئرو مڇر آڻڻ تي به ڏنو ويندو.
اختيارين جو چوڻ آهي ته هيل تائين 21 ڄڻا 700 مڇر آڻي انعام حاصل ڪري چڪا آهن.

"Mosquito kill