لاهور : پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري به چيمپيئنز ٽرافي جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان جي شڪست تي مايوس ٿي وئي.
عظميٰ بخاري چيو ته پاڪستان ٽيم جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ آهي، نيوزيلينڊ خلاف ميچ ۾ جهڙي بالنگ ڪئي وئي، ان تي ته مان به ڇڪو هڻي ڇڏيان.
هن چيو ته پاڪستان جي ڪارڪردگي ڏسي بلڊ پريشر وڌي ويو آهي، فخر آخري اميد هو، اهو به ناهي رهيو، چيمپيئنز ٽرافي ۾ پاڪ – ڀارت ميچ ڏسڻ جي دعوت آئي آهي، مان ته آمريڪا هٿان شڪست کانپوءِ ميچ ئي ناهيان ڏسندي.