اسلام آباد: وفاقي سرڪار پگهارن ۾ پاڻمرادو واڌ تي نيشڻل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي(نيپرا) کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.
راڻا محمودالحسن جي صدارت هيٺ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو ڪابينه سيڪريٽريٽ ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي حڪومت پگهارن ۾ پاڻمرادو واڌ تي نيپرا کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.
نيپرا چيئرمين ۽ نيپرا ميمبرن پاڻمرادو پگهارن ۾ تقريبن 3 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي هئي. ذريعن موجب پگهارن ۾ واڌ جي لاءِ وفاقي ڪابينه جي منظوري لازمي هوندي آهي پر نيپرا اٿارٽي بنا ڪنهن منظوري جي پگهارن ۾ 20 کان 22 لک روپين تائين جو اضافو ڪيو.
ڪابينه جي سيڪريٽري ڪامران علي افضل موجب نيپرا کان پگهارن ۾ واڌ جا سبب ڄاڻڻ جي لاءِ وضاحت طلب ڪئي وئي آهي. سيڪريٽري ڪابينه چيو آهي ته پگهارن ۾ واڌ نيپرا ايڪٽ جي سيڪشن 8 جي ڀڃڪڙي آهي. نيپرا کي لکت طور تي وضاحت ڏيڻي پوندي ته انهن اهو فيصلو ڇو ڪيو. سيڪريٽري ڪابينه چيو ته سمورا ريگوليٽري ادارا وزيراعظم يا ڪابينه جي ماتحت ايندا آهن.