جڏهن ريفرنس آيو ڏٺو ويندو، ڪجهه غلط ناهي ڪيو، ڊڄان ڇو؟ جسٽس منصور علي شاهه

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ جي سينئر جج جسٽس منصور علي شاهه چيو آهي ته ڪنهن سان ڪو ذاتي تڪرار يا اختلاف ناهي، جڏهن ڪجهه غلط ڪيو ئي ناهي ته ريفرنس جو خوف ڇو ٿيندو؟، ڊڄندو اهو آهي جنهن ڪجهه ڪيو هجي، ڪيس اڪلائڻ جي شرح ڏسڻ گهرجي، ڪمري ۾ موجود هاٿي ڪنهن کي نظر نه اچي ته ڇا ٿو ڪري سگهجي، سمورن ججن سان ملاقات ٿيندي آهي ۽ گڏجي چانهن پيئندا آهن.سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي قسم کڻڻ واري تقريب بعد صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ڪيس اڪلائڻ جي شرح ڏسڻ گهرجي، ڪنهن جا ڪيترا فيصلا قانون جي ڪتابن ۾ ڇپيل آهن، سڀ سامهون آهي، سمورو رڪارڊ سپريم ڪورٽ جي ويب سائيٽ تي موجود آهي. صحافي جي سوال جو جواب ڏيندي جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ريفرنس جڏهن ايندو تڏهن ڏٺو ويندو، جڏهن ڪجهه غلط ڪيو ئي ناهي ته ريفرنس جو خوف ڇو ٿيندو؟، الله مالڪ آهي، ڊڄندا اهي آهن جن ڪجهه ڪيو هجي. سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ڪنهن سان ڪو ذاتي تڪرار يا اختلاف ناهي، ڪمري ۾ موجود هاٿي ڪنهن کي نظر نه اچي ته ڇا ٿو ڪري سگهجي، سمورن ججن سان ملاقات ٿيندي آهي ۽ گڏجي چانهن پيئندا آهن.

it will be seennothing wrong has been doneWhen the reference comes