عمران خان آرمي چيف کي خط لکي پاليسين تي نظرثاني جي درخواست ڪري ڇڏي

راولپنڊي: تحريڪ انصاف جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان آرمي چيف عاصم منير کي خط لکي ڇڏيو آهي.

تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر خان صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته عمران خان آرمي چيف کي بطور اڳوڻي وزيراعظم جي طور تي خط لکيو آهي، باني جو خط پي ٽي آءِ جي پاليسي تي ٻڌل نه آهي.

بيرسٽر گوهر چيو ته عمران خان خط ۾ فوج ۽ عوام جي وچ ۾ فاصلن جا سبب بيان ڪيا آهن. باني چيو آهي ته فوج ۽ عوام ۾ رنجشون نه وڌائڻ گهرجن. هن چيو ته عمران خان آرمي چيف کان پاليسيز تي نظرثاني جي درخواست ڪئي آهي. باني جو خط اڄ ميڊيا جي سامهون آندو ويندو، عمران خان چيو ته عدالت ۾ 9 صحافين کي خط جا تفصيل ٻڌايا آهن.

بيرسٽر گوهر موجب  عمران خان خط ۾ چيو آهي ته پاڪ فوج تمام گهڻيون قربانيون ڏئي رهي آهي. فراڊ اليڪشنون ۽ 26هين آئيني ترميم عوام ۾ رنجشن جا 2 وڌا سبب آهن. سمورين شين جو نزلو فوج تي ڪري رهيو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين موجب خط ۾ عمران خان چيو آهي ته اسان انتشار نٿا چاهيون. فوج اسان جي آهي. عمران خان آرمي چيف کي کليل خط لکيو آهي.