سنڌ ۾ پهرين جنوري کان زرعي ٽيڪس لاڳو، 6 لک تائين جي آمدن تي ڇوٽ

ڪراچي: سنڌ ڪابينا ايگريڪلچر انڪم ٽيڪس بل 2025 جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ ايگريڪلچر انڪم ٽيڪس بل 2025 جي منظوري ڏني وئي. ايگريڪلچر انڪم ٽيڪس بل پهرين جنوري 2025 کان لاڳو ٿيندو، بل جلد سنڌ اسمبلي مان منظور ڪرايو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت ايگريلڪچر انڪم ٽيڪس ۾ لائيو اسٽاڪ يعني چوپائي مال کي شامل نه ڪيو آهي. ايگريڪلچر انڪم ٽيڪس بورڊ آف روينيو(بي او آر) جي بجاءِ سنڌ روينيو بورڊ(ايس بي آر) جمع ڪندي. قدرت آفتن جي صورت ۾ ايگريڪلچر انڪم ٽيڪس ۾ ايڊجسٽمينٽ ٿيندي. هن چيو ته آباد ايراضي کي لڪائڻ جي صورت ۾ ڏنڊ لڳايو ويندو. 6 لک سالياني زرعي آمدن ٽيڪس کان آجي هوندي. ننڍين ڪمپنين تي زرعي ٽيڪس 20 سيڪڙو ۽ وڏين ڪمپنين تي 29  سيڪڙو لاڳو ٿيندو. 150 ملين روپيه زرعي آمدني حآصل ڪندڙ سپر ايگريڪلچر انڪم ٽيڪس کان آجا هوند.  زرعي آمدني 150 ملين روپين کان 200 ملين روپين تائين هڪ سيڪڙو لاڳو ٿيندو. 200 ملين روپين کان 250 ملين روپين تائن زرعي آمدني تي 2 سيڪڙو سپر ٽيڪس لڳايو ويندو. زرعي آمدني 250 ملين روپين کان 300 ملين روپين تائين 3 سيڪڙو سپر ٽيڪس لڳندو جڏهن ته 300 ملين روپين کان 350 ملين روپين تائين زرعي آمدني تي 4 سيڪڙو سپر ٽيڪس لڳندو. زرعي آمدني 350 ملين روپين کان 400 ملين روپين تائين 6 سيڪڙو سپر ٽيڪس لڳندو. 400 ملين روپين کان 500 ملين روپين تائين زرعي آمدني تي 8 سيڪڙو ٽيڪس لڳايو ويندو. زرعي آمدني 500 ملين روپين کان وڌيڪ تي 10 سيڪڙو ايگريڪلچر سپر انڪم ٽيڪس لڳندو. زرعي آمدني 6 لک ساليانو تائين هجڻ تي ٽيڪس لاڳو نه ٿيندو. 6 لک کان مٿي جي 12 لک تائين آمدني تي 15 سيڪڙو ٽيڪس هوندو جڏهن ته وڌيڪ آمدني وارن زميندارن تي سپر ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو. وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت ٿيندڙ اجلاس ۾ سنڌ ڪابينه جي ميمبرن چيو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪرڻ کان اڳ سنڌ جي آبادگارن کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي ها، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ملڪي مفاد ۾ سنڌ ڪابينه زرعي ٽيڪس جي منظوري ڏئي رهي آهي، وفاقي حڪومت سان ٻيهر ڳالهيون ڪندس. سنڌ ڪابينا جو چوڻ هو ته ايگريڪلچر انڪم ٽيڪس لڳائڻ سان ڀاڄين جون قيمتون وڌي وينديون، جڏهن ته اسيمبلي ميمبرن انهي خدشي جو به اظهار ڪيو ته زرعي ٽيڪس لڳڻ سان ڪڻڪ ۽ ٻيون شيون به مهانگيون ٿي وينديون. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته جولاءِ 2021 کان جون 2024 تائين ٽن مالي سالن دوران سنڌ کي وفاقي ورڇ واري پول مان اين ايف سي شيئر مان 3002.43 ارب روپيا وصول ٿيا جيڪي سنڌ جي حصي کان 77.16 ارب گهٽ هئا. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته وفاقي حڪومت تازو گهٽ ڏنل رقم به جاري ڪئي آهي. سنڌ ڪابينا جي ڪاروائي ڊجيٽائيز ڪرڻ يعني اي گورننس جي منظوري به ڏني، سنڌ سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن ڊپارٽمينٽ ان تي عمل ڪندو ۽ سڀني ڪابينا جي ميمبرن ۽ صلاحڪارن کي آءِ پيڊ خريد ڪري ڏنا ويندا آئنده ڪابينا جون سمريون پيپر تي نه هونديون پر سافٽ ڪاپي جي صورت ۾ آءِ پيڊ تي مهيا ڪيون وينديون.، ڪابينا کي پيپر فري بڻايو ويندو، ڪاغذ مهانگو آهي ان جي بچت ڪنداسين.

In Sindh on January 1mining and agriculture tax is imposed