اسلام آباد:وفاقي سرڪار پنهنجي اهم اتحادي پارٽي پاڪستان پيپلز پارٽي جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو ۽ پارليامينٽ ميمبرن جون تڪراري ترقياتي اسڪيمون بحال ڪري ڇڏيون.
ذريعن موجب ستن مهينن ۾ 460 ارب روپين جي روينيو شارٽ فال جي باوجود ترقياتي اسڪيمون بحال ڪيون ويون. ايس اي پي پروگرام جو بجيٽ 25 ارب روپين مان وڌائي 50 ارب روپيه ڪيو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت پارليامينٽريز جي لاءِ ترقياتي فنڊز جي ورهاست جا اصول نرم ڪري ڇڏيا، پيپلز پارٽي جا 30 ارب جا غير استعمال ٿيل فنڊز اڳيان وڌائڻ جو مطالبو رد ڪيو ويو.
رپورٽ موجب پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن ۾ 300 سيڪڙو اضافي کان پوءِ ترقياتي فنڊز به جاري ڪيا ويا آهن. ذريعن موجب ترقياتي اسڪيمن جو ڪم هاڻ پاڪستان انفرااسٽرڪچر ڊوالپمينٽ کي ڏنو ويندو.
ذريعن جو چوڻ هو ته سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي اسپيڪر ختم ٿيل فنڊز جي بحالي لاءِ خط لکيا. حڪومت مالي بحران جي باوجود حڪومتي ميمبرن جي لاءِ فنڊز جي فوري ورهاست جو فيصلو ڪيو