بلوچستان دهشتگردن جي نشاني تي: قلات ۾ موڪلن تي ويندڙ اهلڪارن مٿان حملو، 18 جوان شهيد، آپريشن ۾ 23 دهشتگرد مارجي ويا

ڪوئيٽا/راولپنڊي : بلوچستان ۾ دهشتگردن موڪلن تي ويندڙ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي تي حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ 18 ايف سي جوان شهيد ٿي ويا، آپريشن ۾ 23 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب  قلات ۾ سيڪيورٽي فورسز 12 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته مقابلي ۾ ايف سي جي 18 بهادر جوانن شهادت ماڻي، منگوچر ۾ سيڪيورٽي فورسز ڪارروائي ڪئي جنهن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن به حصو ورتو.آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز ڪارروائي دهشتگردن جي روڊ بلاڪ ڪرڻ جي ڪوشش تي ڪئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران 12 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته منگوچر آپريشن ۾ دهشتگردن سان بهادري سان وڙهندي ايف سي جا 18 جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب،31جنوري ۽ پهرين فيبروري جي وچ واري رات دهشتگردن روڊ بلاڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا فوري متحرڪ ٿيا ۽ دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ڪاميابي سان ناڪام بڻايو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مقامي آبادي جي تحفظ کي يقيني بڻائيندي 12 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو، دشمن قوتن جي چوڻ تي دهشتگردي جو مقصد بلوچستان جو پرامن ماحول خراب ڪرڻ هو. آءِ ايس پي آر موجب، قلات جي علائقي منگوچر ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي، بهادر شهيدن جون قربانيون سندن عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪنديون آهن.

18 young martyrsAt the sign of Balochistan terrorists: attack on officials on vacation in Qalat