جوڊيشل ڪميشن 10 ايڊيشنل ججز مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان پشاور هاءِ ڪورٽ جي لاءِ 10 ايڊيشنل ججز جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

رپورٽ موجب عدالتن ۾ ايڊيشنل ججز جي مقرري لاءِ چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جو اجلاس ٿيو.

جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جي اجلاس ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊيشنل ججز جي مقرري جي معاملي تي تفصيلي غور ڪيو ويو، اجلاس ۾ 9 ايڊيشنل ججز جي مقررين لاءِ 40 نالن تي غور ڪيو ويو هو.

ذريعن موجب جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان پشاور هاءِ ڪورٽ جي لاءِ 10 ايڊيشنل ججز جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز فرح جمشيد، انعام الله خان، قاضي جواد احسان الله کي ايڊيشنل جج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، انهي کان علاوه جوڊيشل ڪميشن مدثر امير، ثابت الله اورنگزيب کي به ايڊيشنل جج لڳائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

اجلاس ۾ عبدالفياض، صلاح الدين، صادق علي، طارق آفريدي، اورنگزيب خان کي ايڊيشنل جج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.  جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ 9 ايڊيشنل ججز جي مقررين جو ايجنڊا غور هيٺ هو. ذريعن موجب اجلاس دوران چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ 10 ايڊيشنل ججز جو مطالبو ڪيو.

جوڊيشل ڪميشن جي ذريعن چيو آهي ته چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ اجلاس ۾ ڳالهيون ڪندي چيو ته مون کي ڏهون جج به گهرجي، چيف جسٽس پاڪستان يحيٰ آفريد چيف جسٽس پشاور هاٰءِ ڪورٽ جي راءِ کان اتفاق ڪيو. ذريعن موجب پشاور هاءِ ڪورٽ لاءِ 10 ايڊيشل ججز جون مقرريون اڪثريت سان ٿيون، جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ اقليتي راءِ رکندڙ ميمبرن چيو ته 9 ايڊيشنل ججز جي مقررين جو ايجنڊا جاري ڪيو ويو. 9 جي بجاءِ 10 ايڊيشنل ججز جي منظوري نه ڏني وڃي.