وزيراعظم جي ڳالهين جي آڇ تي پي ٽي آءِ جو ردعمل اچي ويو

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف جي ڳالهين جي آڇ تي تحريڪ انصاف جو ردعمل اچي ويو.
پي ٽي آءِ اڳواڻ شبلي فراز وزيراعظم جي آڇ تي جواب ڏيندي چيو ته هائوس ڪميٽي جوڙڻ ڪو طريقو ناهي، اسان جڊيشل ڪميشن جو مطالبو ان ڪري پيا ڪيون ته ماڻهن جو ان تي اعتماد هوندو آهي، هائوس ڪميٽي ٺاهڻ جي تجويز بهتر ناهي.
هن چيو ته اسان جي قانون ۽ انصاف جي جنگ هلي رهي آهي، جيترو ممڪن ٿي سگهيو اسان قانون ۽ انصاف سامهون پيش ٿيندا رهنداسين.
سندس چوڻ هو ته ڳالهين جو مقصد عدم استحڪام ختم ڪرڻ هو، ملڪ کي سياسي بحران مان ڪڍڻ لاءِ اسان ڳالهين لاءِ راضي ٿياسين، معاملا حل ٿيڻ ۾ حڪومت جي نيڪ نيتي شامل هجڻ گهرجي.