زراعت معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهي: گورنر اسٽيٽ بينڪ

ملتان : اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد جو چوڻ آهي ته معيشت ۾ زرعي شعبي جو اهم ڪردار آهي، زراعت معيشت جي ريڙهه جي هڏي آهي.ملتان ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سينٽرل بئنڪ آف پاڪستان جي سربراهه چيو ته اوچتو آيل آفتن سبب اسان جو زرعي شعبو سخت متاثر ٿيو، اسان کي ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا،هن چيو ته زراعت اسان جي معيشت جي ريڙهه جي هڏي آهي، اسان زرعي شعبي ۾ سڌارن تي ڪم ڪري رهيا آهيون، اسان کي مسئلن تي بحث ڪرڻو پوندو ته جيئن هي شعبو ترقي ڪري سگهي،اسٽيٽ بينڪ جي گورنر چيو ته زرعي شعبي مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي هارين کي تربيت ڏيڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ زراعت کي جديد بڻائڻ لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي.