ڪوئٽه : بلوچستان ۾ هڪ مهينو اڳ قلم 144 تحت لاڳو ڪيل پابنديون ختم ڪيون ويون آهن.بلوچستان جي گهرو کاتي سڄي صوبي ۾ امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي 30 ڊسمبر تي قلم 144 تحت ريلين، گڏجاڻين، جلوسن ۽ 5 کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏجاڻين تي پابندي لاڳو ڪئي هئي.بلوچستان جي گهرو کاتي پاران ان جي مدت ۾ واڌ نه ڪئي وئي.