ڪُرم انتظاميه نقصانن جي ازالي لاءِ ڪي پي ڪي حڪومت کان 60 ڪروڙ روپيه گهري ورتا

پشاور: ڪُرم جي ضلعي انتظاميه بگن ۾ ٿيل نقصانن جو سروي مڪمل ڪري ورتو، سرڪاري ذريعن موجب ڊي سي ڪُرم نقصانن جي ازالي لاءِ صوبائي حڪومت کان 60 ڪروڙ روپيه گهري ورتا آهن.

سرڪاري ذريعن ٻڌايو آهي ته بگن ۾ 700 دوڪانن ۽ 300 کان وڌيڪ گهرن کي نقصان پهتو، 2  پيٽرول پمپ، 12 گاڏيون ۽ 200 جانورن کي به نقصان پهتو.

سرڪاري ذريعن موجب نقصانن بابت ڪمشنر ڪوهاٽ جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. ڪميٽي ۾ ڊي سي ڪرم، ڊي جي پي ڊي ايم اي ۽ ٻين ادارن جا اهلڪار به شامل آهن. ڪميٽي نقصانن جي تصديق، رقم جي ورهاست ۽ ٻيا معاملا ڏسندي.

انهي حوالي سان نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي خيبرپختونخواهه جي اطلاعات بابت صلاحڪار بيرسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته ڪُرم ۾ امن قائم ٿي ويو آهي. بنڪرز ڪيرائڻ جو عمل جاري آهي، بگن ۾ متاثرين جي نقصانن جو ازالو ڪيو ويندو.

بيرسٽر سيف چيو ته معاهدي جي تحت مورچن کي ختم ڪيو ويندو. ڌريون هٿيار جمع ڪرائڻ جي طريقيڪار موجب سمورا هٿيار حڪومت وٽ جمع ڪرائينديون، هن چيو ته ڪُرم ۾ امن معاهدي تي عمل کي يقيني بنايو ويندو. ٽل، پارا چنار روڊ کولڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن جڏهن ته ڪُرم کي عام واهپي جي شين، دوائن ۽ ٻئي سامان جي فراهمي جاري آهي. ڪجهه هفتن دوران ڪيترين ئي ٽرڪن ذريعي سامان ڪُرم اماڻيو ويو آهي.