هڪ عام زڪام رائنو وائرس سبب ٿيندو آهي، جنهن ۾ نڪ جو وهڻ، کنگهه ۽ نڇون اچڻ جون علامتون ظاهر ٿين ٿيون.
رپورٽن موجب زڪام جي انهن علامتن ۾ ڳلي ۾ خارس ، سيءُ لڳڻ ۽ الٽي پڻ شامل آهن.
جيڪڏهن علامتون بهتر نه ٿين، طبعيت وڌيڪ خراب ٿئي ۽ توهان جو بلغم صاف کان ڦڪي يا سائي رنگ ۾ مٽجي وڃي، يا پوءِ هيٺيون علامتون ظاهر ٿين، ته فوري طور تي ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻ ضروري آهي:
بخار 101
زڪام ۾ بخار هئڻ عام ڳالهه آهي، پر تيز بخار عام ناهي. جيڪڏهن بخار لڳاتار 101 ڊگري يا ان کان وڌيڪ هجي، ته اهو اسٽرپ ٿروٽ جي علامت ٿي سگھي ٿو.
بيماري جي شروعاتي ڏينهن ۾، اسٽرپ ٿروٽ ۾ مبتلا اڪثر ماڻهن کي تيز بخار هوندو آهي۔
گهڻن ڏينهن تائين گهٽ گرمي پد جو بخار
هي ضروري ناهي ته هر شخص کي تيز بخار ٿئي، جيڪڏهن ڪنهن کي لڳاتار گهٽ گرمي پد جو به بخار هجي، ته اهو ان ڳالهه جو اشارو ٿي سگھي ٿو ته توهان جو جسم زڪام سان وڌيڪ جنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
مختلف علامتن جو پيٽرن
الرجين ۽ زڪام ۾ ڪيتريون ئي گڏيل علامتون ٿي سگھن ٿيون، پر انهن ۾ هڪ اهم فرق آهي جو الرجين ۾ بخار شامل ناهي. مخصوص موسم دوران الرجيون گهڻي قدر هڪ پيٽرن کي فالو ڪن ٿيون، ۽ جيڪڏهن ڪنهن کي الرجي جون علامتون لڳاتار رهنديون آهن يا وڌيڪ خراب ٿي وڃن ٿيون، ته اهو زڪام جي علامت ٿي سگھي ٿو.
جسم ۾ سور
زڪام سبب جسم ۾ سور ٿي سگھي ٿو، پر اهو سور عام طور تي معمولي هوندو آهي. ان جي ڀيٽ ۾ نزلي سبب پٺن ۽ جسم ۾ محسوس ٿيندڙ سور ڪڏهن ڪڏهن شديد ٿي سگھي ٿو.
سيني ۾ سور ساهه کڻڻ ۾ منجهه
کنهه ۽ زڪام جي هڪ عام علامت آهي، جيڪڏهن اها سيني ۾ سور ، ساهه ۾ ڏکيائي ۽ گهٻراهٽ جو سبب بڻجي ٿو، ته اهو عام طور تي ايترو شديد ناهي هوندو، پر اهي علامتون برونڪائٽس يا نمونيا جي ٿي سگهن ٿيون.
برونڪائٽس انهن ٽيوبن جي سوڄ کي چون ٿا جيڪي ڦڦڙن تائين هوا پهچائين ٿيون، جڏهن ته نمونيا ڦڦڙن جي سوڄ کي چيو ويندو آهي.
ڏڪڻي
بيڪٽيريا يا وائرس کان ٿيندڙ انفڪشن جي شروعات ۾ جسم ۾ ڏڪڻي ٿي سگھي ٿي.جسم کي گرمي پيدا ڪرڻ لاءِ، پٺن جو سوٽ ٿيڻ شروع ٿيندو آهي ۽ جڏهن جسم عام گرمي پد تي اچي ٿو ته اهي ساڳئي حالت ۾ اچڻ لڳندا آهن.
زڪام جي انهن سڀني علامتن ۾، فوري طور تي پنهنجي ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻ ضروري آهي۔