چيٽ جي پي ٽي جهڙي مشهور ترين مصنوعي ذهانت ( اي آءِ ) چيٽ بوٽ تيار ڪندڙ ڪمپني اوپن اي آءِ جي چيف ايگزيڪٽو سام آلٽمئن ان ٽيڪنالاجي بابت نئين ڇرڪائيندڙ اڳڪٿي ڪئي آهي.
هڪ پوڊ ڪاسٽ دوران ڳالهائيندي سام آلٽمئن اڳڪٿي ڪئي ته سندس ٻار ڪڏهن به اي آءِ کان وڌيڪ سمارٽ نه ٿي سگهندا.
سولن لفظن ۾ سندس چوڻ هوته ويجهي مستقبل ۾ اي آءِ ٽيڪنالاجي انساني ذهانت کي پوئتي ڇڏي ڏيندي.
هن چيو ته تمام جلد مستقل جي نسلن لاءِ اِهو خيال حقيقت بڻجي ويندو، دراصل کين اِهو فطري عمل محسوس ٿيندو.
هن تسليم ڪيو ته مصنوعي ذهانت واري ٽيڪنالاجي اهڙا کوڙ سارا ڪم ڪري سگهي ٿي جيڪي انسانن لاءِ ناممڪن آهن.
پر هن ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيو ته اِها ڪائي وڏي ڳالهه نه آهي ڇو ته نيون تبديليون اسان جي زندگيءَ جو فطري حصو هونديون آهن.
سام آلٽمئن چيو ته مستقبل جي مصنوعي ذهانت تي ٻڌل دنيا ۾ نئين نسل کي مخصوص صلاحيتون سکڻيون پونديون.
هن چيو ته مستقبل ۾ عام ذهانت جي اهميت نه رهندي ڇاڪاڻ ته ماڻهن جو ڌيان رڳو جواب ڳولڻ بدران صحيح سوال ڪرڻ جي صلاحيت تي کتل هوندو.
هن زور ڏنو ته مصنوعي ذهانت سان گڏ انساني رابطا ارتقائي مرحلن مان گذري رهيا آهن، هوريان هوريان اسان کي وڌيڪ گهرائي ۾ وڃي اي آءِ سان رابطو ڪرڻو پوندو.
يعني موجودا دور ۾ جيڪي عام سوال اي آءِ چيٽ بوٽس کان پڇيا پيا وڃن، اِهو طريقيڪار متروڪ ٿي ويندو، تنهنڪري واهپيدارن کي اي آءِ سان رابطي جو نئون طريقو اختيار ڪرڻ گهرجي.
سام الٽمئن اِهو به چيو ته شروع ۾ آن لائين شطرنج وارو ماڊل ڪمزور هو ۽ انسانن کان هارائي ويندو هو پر هوريان هوريان ان انساني دماغ کي مات ڏئي ڇڏي، ائين ئي ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ به ٿيندو.
ان سان گڏوگڏ هن اميد ظاهر ڪئي ته انسان صورتحال پٽاندڙ پاڻ ۾ تبديلي آڻيندا ۽ نوڪريون نه وڃائيندا.
هن وڌيڪ چيو ته انسانن هميشه نئين ٽيڪنالاجي جو مقابلو ڪيو آهي ۽ نيون نوڪريون ۽ وسيلا ڳولي وٺندا آهن.