پرڏيهي پاڪستانين کي ووٽ جو حق نه ڏيڻ وارو معاملو: لاهور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کان جواب طلب ڪري ورتو

لاهور: پرڏيهي پاڪستانين کي ووٽ جو حق نه ڏيڻ  خلاف درخواست تي لاهور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن سميت ٻين ڌرين کي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

جسٽس شاهد ڪريم انٽرنيشنل لائرز ايسوسيئيشن جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواست ۾ وفاقي حڪومت سميت ٻين کي ڌر بنايو ويو آهي.

درخواستگذار جي وڪيل چيو ته اليڪشن ڪميشن سميت ڪنهن به ڌر جواب  داخل ناهي ڪرايو جنهن تي عدالت ڌرين کي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

هاءِ ڪورٽ ٻڌڻي فيبروري جي ٻئي هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت درخواست تي وفاقي حڪومت سميت ڌرين کان جواب طلب ڪري رکيو هو. درخواست ۾ موقف هو ته  سمنڊ پار پاڪستانين جو سڄي دنيا ۾ تقريبن تعداد هڪ ڪروڙ آهي، سمنڊ پار پاڪستاني ساليانو اربين ڊالر جو ناڻو اماڻيندا آهن. سڄي دنيا ۾ پرڏيهي پاڪستانين جو بهترين ڪردار آهي ان لاءِ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق نه ڏيڻ بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته عدالت پاڪستان جي حڪومت کي پرڏيهي پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي لاءِ قانونسازي ڪرڻ جو حڪم ڏئي.