توشه خانه 2: عمران خان ۽ بشريٰ جي بريت وارين درخواستن تي ايف آءِ اي کي نوٽيس، بينچ تبديل ڪرڻ جي استدعا رد

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه 2 ڪيس ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي بريت وارين درخواستن تي ايف آءِ اي کان جواب طلب ڪري ورتو آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس راجا انعام منهاس عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي توشه خانه ڪيس ٽو ۾ بريت جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران عمران خان جي وڪيل سلمان صفدر توشه خانه ڪيس 2 جي ٽرائل تي حڪم امتناع جي استدعا ڪئي جنهن تي جسٽس راجه انعام چيو ته ڪرمنل ڪارروائي کي انهي موقعي تي اسٽي ڪرڻ جي عدالتي مثال ناهي، اسان اوهان جي درخواست تي نوٽس ڪري ٻئي ڌر کي به ٻڌي ٿا وٺون.

انهي دوران سلمان صفدر بينچ تبديل ڪرڻ جي استدعا ڪندي چيو ته جسٽس گل حسن اورنگزيب هن ڪيس بابت 5 دخواستون ٻڌي چڪو آهي، مناسب هوندو ته هي عدالت بريت  جون درخواستون به انهي عدالت ۾ اماڻي ڇڏي.

جسٽس راجه انعام درخواستگذار جي وڪيل طرفان بينچ تبديل ڪرڻ جي استدعا رد ڪندي چيو ته اهي   ضمانت جون درخواستون هيون، هي ڌار معاملو آهي هي عدالت ڪيس ٻڌندي، اوهان ڪيس جي ميرٽ تي دليل ڏيو.

عمران خان جي وڪيل چيو ته ٻن درخواستن جا آرڊر به آهن. ٽرائل ڪورٽ کي ٻڌڻي روڪڻ جو حڪم ڏنو وڃي، انهي تي جج چيو ته ٽرائل ڪورٽ ۾ فرد جرم لاڳو ٿي چڪي، گواهن جا بيان ٿي رهيا آهن. هن وقت ائين ڪرڻ صحيح نه هوندو انهي ۾ نوٽيس ڪري ٿا وٺون ڊگهي تاريخ نه ڏينداسين، جنهن کان پوءِ عدالت ايف آءِ اي کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 28 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي