لاس اينجلس جي اترين علائقي ۾ باهه لڳي وئي، 25 هزار ماڻهن جي لڏ پلاڻ

ڪيليفورنيا: آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي شهر لاس اينجلس جي اترين علائقي ڪاسٽانڪ ليڪ جي ڀرسان جهنگ ۾ نئين باهه لڳي وئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ علائقي ۾ هنگامي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.

خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب باهه جا شعلا تيزي سان پکڙجي جابلو علائقن تائين پهچي چڪا آهن جنهن سبب تقريبن 25 هزار ماڻهن کي لڏ پلاڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. جڏهن ته باهه سبب 500 قيدين کي ٻين جيلن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي ته جيئن انهن کي ڪنهن به غير امڪاني صورتحال کان بچائي سگهجي.

باهه جي شدت ۾ اضافي جو وڏو سبب تيز هوائون به آهن جنهن سبب صرف 2 ڪلاڪن ۾ پنج هزار ايڪڙ علائقو باهه جي وڪڙ ۾ اچي چڪو آهي. لاس اينجلس ڪائونٽي فائر ڊپارٽمينٽ ۽  اينجلس نيشنل فارسٽ جو عملو باهه وسائڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي انهي کان علاوه هيلي ڪاپٽر ۽ ننڍا جهاز به باهه تي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ آپريشنز ۾ حصو وٺي رهيا آهن.

ياد رهي ته 7 جنوري تي   ڪيليفورنيا ۾ لڳل باهه تي اڃان تائين مڪمل طور تي ڪنٽرول نه ٿي سگهيو آهي، باهه تقريبن 40 هزار ايڪڙ تي ٻڌل  علائقي کي ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيو هو  ۽ انهي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 27 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. هن وقت به فائر فائٽرز باهه کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

A fire broke out in northern Los Angelesdisplacing 25