پيڪا ايڪٽ ترميمي بل پيش،ڪوڙيون خبرون ڦهلائڻ تي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا

اسلام آباد : وفاقي حڪومت دي پريوينشن آف اليڪٽرانڪ ڪرائم ايڪٽ ( پيڪا ) ۾ وڌيڪ ترميمن وارو بِل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيو.حڪومت هڪ ٻي وڏي قانون سازي جي تياري شروع ڪري ڇڏي ۽ پيڪا ايڪٽ ۾ وڌيڪ ترميمن جو فيصلو ڪيو آهي. اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيل قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ پيڪا ايڪٽ ترميمي بل 2025ع ايوان ۾ پيش ڪيو.ان موقعي تي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ جو چوڻ هوته مقرر مدي ۾ ٽرائل مڪمل نه ٿيڻ تي نتيجا ڀوڳڻا پوندا، ٽرائل ڪورٽ کي ڪيسن جو فيصلو ڇهن مهينن کان هڪ دوران ڪرڻو پوندو، ماڊرن ڊيوائسز کي شهادت واري قانون ۾ شامل ڪرڻ واريون ترميمون به شامل آهن، عوام کي انصاف واري نظام مان تڪليف پهچي رهي آهي، عوام هن ايوان مان انهن جي حل جي اميد رکي ٿو، نظام ۾ ايتريون خرابيون آهن جو ڪنهن تي ڪجهه ثابت ئي ناهي ٿيندو. سينيٽر اعظم نذير چيو ته ڏوهاري کي سزا ڏيڻ جي شرح انتهائي گهٽ آهي، ٻين ملڪن ۾ سزا ڏيڻ جي شرح 80 سيڪڙو آهي، نظام جي بهتري لاءِ ترميمون آڻي رهيا آهيون. سندس چوڻ هو ته اپوزيشن کي عوامي مسئلن ۾ ڪا به دلچسپي ناهي، هو رڳو اچي لابي ۾ ماني کائيندا آهن، هڪ شخص جي آزادي جا نعرا هڻندا آهن ۽ بار بار رڳو ڪورم جي نشاندهي ڪندا آهن. ذريعن موجب، پيڪا ايڪٽ ترميمي بل 2025 ذريعي حڪومت سوشل ميڊيا ۽ فيڪ نيوز بابت اهم قانون سازي ڪري رهي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ترميمي بل ۾ فيڪ نيوز بابت ترميمن ۾سزائون ۽ ڏنڊ جو تعين پڻ شامل هوندو، ڪوڙين خبرن بابت ترميمن ۾ 3 سالن تائين سزا ڏيڻ جي تجويز شامل هوندي.

PECA Act amendment bill presented