مسجدالحرام کولڻ ۽ بيت الله جي طواف جي اجازت ڏيڻ تي غور شروع

رياض: سعودي عرب جي اختيارين مسجدالحرام کولڻ ۽ بيت الله جي طواف جي اجازت ڏيڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو اهي.

رپورٽ موجب ان حوالي سان خبرون ڏيندڙ اداري ٻڌايو آهي ته سعودي عرب جي اختيارين مڪه مڪرمه ۽ مسجدالحرام کي کولڻ جي لاءِ غور فڪر لاءِ هڪ خاص ڪميٽي به جوڙي ڇڏي آهي.

خبرون ڏيندڙ اداري موجب جوڙيل خاص ڪميٽي عالمي وبا قرار ڏنل ڪورونا وائرس کان بچاءَ جي قدمن ۽ ميڙن کي ڪنٽرول ڪرڻ بابت لاڳاپيل معاملن تي غور ڪري رهي آهي.

خبرون ڏيندڙ اداري ان حوالي سان ٻڌايو آهي ته مسجدالحرام کي کولڻ ۽ ڪعبي جي طواف جي اجازت ڏيڻ جي حوالي سان اڃان تائين ڪوبه فيصلو ناهي ڪيو ويو