زراعت جي شعبي ۾ تربيت لاءِ شاگردن کي ميرٽ جي بنياد تي چين موڪليوويندو: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته زراعت جي شعبي ۾ تربيت لاءِ شاگردن کي ميرٽ جي بنياد تي چين موڪليو وڃي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ زراعت جي جديد تربيت حاصل ڪرڻ لاءِ چين ويندڙ شاگردن جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ احسن اقبال، راڻا تنوير ۽ ٻيا وفاقي وزير به شريڪ هئا. هن چيو ته چين پاڪستان جو پراڻو دوست آهي جنهن جي زرعي شعبي ۾ ترقي بي مثال آهي. سندس چوڻ هو ته هن چين جي دوري دوران چيني قيادت کي پاڪستاني شاگردن کي زراعت جي جديد تربيت ڏيڻ جي درخواست ڪئي هئي. وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته پاڪستاني شاگردن جي چين ۾ جديد زرعي تربيت جو پورو خرچ حڪومت ڪندي. وزيراعظم چيو ته خدا جي فضل سان شاگردن جو پهريون بيچ جلد ئي زراعت جي شعبي ۾ اعليٰ تربيت لاءِ چين روانو ٿيندو، بلوچستان جي شاگردن لاءِ زرعي شعبي ۾ اعليٰ تربيت لاءِ چين وڃڻ وارن شاگردن ۾ 10 سيڪڙو جو خاص ڪوٽا مخصوص ڪيو ويو هو. وزير اعظم وڌيڪ چيو ته هو چيني قيادت ۽ چيني يونيورسٽين جا شڪرگذار آهن جن پاڪستاني شاگردن کي چين ۾ جديد زرعي تربيت حاصل ڪرڻ جو موقعو ڏنو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته زرعي شعبي جي شاگردن پورٽل ذريعي شفاف طريقي سان درخواستون جمع ڪرايون، 12 سئو 87 درخواستن مان، 711 شاگرد مقرر ڪيل تربيتي معيارن تي پورا لٿا، جن ۾ بلوچستان ۽ گلگت بلتستان جا اميدوار پڻ شامل آهن. اجلاس ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته شاگردن کي ٻن بيچن ۾ چين موڪليو ويندو، پهرين بيچ ۾ 300 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي آبپاشي جي بهتري، جانورن جي بيمارين جي تشخيص ۽ نگراني، جانورن جي نسل ۽ جديد جينياتيات ۽ جديد ٻج جي پيداوار ۽ پروسيسنگ جي شعبن ۾ تربيت لاءِ موڪليو ويندو، شاگردن جو پهريون گروپ مارچ 2025 ۾ چين لاءِ روانو ٿيندو. اجلاس ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته 400 شاگردن جي ٻئي بيچ کي هن سال جي وچ ۾ چين موڪليو ويندو ته جيئن زراعت ۾ جديد مشينري جي استعمال، فصلن جي تيز رفتار واڌ، مصنوعي ذهانت سميت زراعت ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ پروسيسنگ جو مطالعو ڪري سگهجي. اجلاس ۾ وفاقي وزير احسن اقبال، رانا تنوير حسين، احد خان چيما، چيئرمين هائير ايجوڪيشن ڪميشن ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.