واٽس ايپ ” اسٽيٽس “ فيچر ۾ نئين تبديلي اوهان کي دنگ ڪري ڇڏيندي

واٽس ايپ طرفان اسٽيٽس فيچر کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
ان مقصد لاءِ، واٽس ايپ اينڊرائيڊ ڊوائيسز لاءِ نئين بيٽا ورزن ۾ اسٽيٽس لاءِ هڪ نئون فيچر متعارف ڪرايو پيو ٿو.
ويب بيٽا انگو جي رپورٽ موجب، اينڊرائيڊ ڊيوائسز ۾ نئين بيٽا ورزن ۾ هڪ نئون فيچر شامل ڪيو ويو آهي جنهن سان واهپيدار پنهنجي اسٽيٽس اپ ڊيٽس ۾ موسيقي شامل ڪري سگهندا.
ياد رهي ته واٽس ايپ ۾ اسٽورين وارو فيچر ”اسٽيٽس“ جي نالي سان موجود آهي.
جيڪڏهن اوهان واٽس ايپ اسٽيٽس استعمال ڪريو ٿا ته خوشخبري آهي ته ڪمپني ان کي بهتر بڻائڻ تي ڪم ڪري رهي آهي.
ميٽا جي ايپ ۾ اسٽيٽس اپ ڊيٽس سيڪشن جو يوزر انٽرفيس تبديل ڪيو پيو وڃي.
هاڻي ان سيڪشن ۾ هڪ نئون ميوزڪ آئڪن واهپيدارن کي ڊرائنگ ايڊيٽر جي مٿان ان وقت نظر ۾ ايندو جڏهن هو واٽس ايپ ۾ هڪ اسٽيٽس پوسٽ ڪندا.
واهپيدار ان آئڪن تي ڪلڪ ڪري پنهنجي پسنديدا گيتن کي ڳولي سگهن ٿا ۽ اِهي اسٽيٽس اپ ڊيٽس جو حصو بڻائي سگهن ٿا.
جڏهن ڪنهن گيت کي چونڊيو ويندو ته واهپيدارن کي ڪنهن خاص سيڪشن کي چونڊڻ جو آپشن ملي ويندو.
تصويري اسٽيٽس لاءِ 15 سيڪنڊن جو وقت هوندو، جڏهن ته ويڊيو ڪلپس لاءِ مختلف دورانيي واري موسيقي جا اختيار هوندا.
جئين مٿي لکي چڪا آهيون ته هي فيچر بيٽا ورزن ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي، تنهنڪري اهو هن وقت محدود ماڻهن لاءِ موجود آهي.
اهو سڀني واهپيدارن لاءِ ڪڏهن متعارف ڪرايو ويندو، ان بابت ڪجهه چوڻ اڃا مشڪل آهي.